رشيد احمد شاهه ڪامريڊ

رشيد احمد شاهه، ڪامريڊ: سيد رشيد احمد شاهه، نوابشاهه جو مشهور وڪيل، سياستدان ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. رشيد احمد شاهه، ڊسمبر 1918ع ۾ لکنؤ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڪانپور ۽ باقي تعليم لکنؤ مان حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري لکنؤ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. سندس مامو منشي هادي علي، علم ۽ ادب سان شوق رکندو هو، جنهن آخري عمر ۾ هڪ هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو، ان جي اثر هيٺ سيد رشيد احمد شاهه جي شخصيت پروان چڙهي.
رشيد احمد شاهه پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته ان وقت سندس والد چٽگام ڏانهن هجرت ڪري ويو. پاڪستان ٺهڻ بعد سندس والد چٽگام ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي فوت ٿيو.
سيد رشيد احمد شاهه 1951ع ڌاري پنهنجي ڪٽنب سميت چٽگام پهتو ۽ اتي سياسي ۽ ادبي سرگرميون شروع ڪيائين. هن اتي انجمن مهاجرين ۽ انجمن تعمير ادب قائم ڪيون. سياست ۾ اچڻ بعد عوامي ليگ جو نائب صدر چونڊيو ۽ 1957ع ۾ ڪليمز آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿي سکر ۽ پوءِ نوابشاهه ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.
هي کاتو 1960ع ۾ ختم ٿيو ته سيد رشيد احمد شاهه نوابشاهه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. هن هميشه کاٻي ڌر جي سياست ڪئي. ’ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو سرگرم ميمبر رهيو. مارڪسزم کان متاثر هو ۽ اڪثر مزدور هڙتالن ۾ حصو وٺندو هو. هي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪيترا دفعا جيل ويو ۽ هندستان ۾ چار سال روپوشيءَ واري زندگي گذاريائين.
سيد رشيد احمد شاهه کي شاعريءَ ۽ ادب سان شوق ورثي ۾ مليو هو. سندس والد علامه حڪيم ’ناطق‘ لکنوي، لکنؤ جو مشهور عالم ۽ قادرالڪلام شاعر هو. والد جيتوڻيڪ سندس شاعر جي حيثيت سان ڪابه حوصلي افزائي نه ڪئي، تڏهن به رشيد احمد شاهه ننڍپڻ کان شاعري ڪندو رهيو، سندس اڪثر شعر غزلن ۽ نظمن تي مشتمل آهن. سندس مادري ٻولي جيتوڻيڪ اردو هئي، پر پاڻ کي هميشه سنڌي سمجھندو هو. سوشلسٽ مڪتبه فڪر سان وابسته رهي، هميشه غريب طبقي جو همدرد ۽ مددگار رهيو.
رشيد احمد شاهه جون 1999ع ۾ نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو